اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري ۽ قازقستان جي سفير يرزان ڪسٽافن وچ ۾  ملاقات ٿي. جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين ميري ٽائيم جي شعبي ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ قازقستان جي بندرگاهن ذريعي واپاري تعاون کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان علاوه گڏيل منصوبن جي موقعن ۽ واپاري سهولتن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير سفير کي  ڪراچي ۽ گوادر بندرگاهن تي گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ۽ گوادر جي فري زونز ۾ امڪاني حصيداري کي اجاگر ڪيو. قازقستان جي سفير چيو ته پاڪستاني بندرگاهون نه صرف قازقستان پر وچ ايشيائي خطي لاءِ به ٽرانزٽ  حب طور استعمال ڪيو ويندو. هن چيو ته قازقستان جي مواصلات واري وزير جي اڳواڻي ۾ هڪ وزارتي سطح جو وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. وفد سامونڊي واپار ۽ لاجسٽڪس ۾ وڌيڪ تعاون لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪندو. جنيد انوار چوڌري چيو ته ان تعاون ذريعي پاڪستان جو مقصد نه صرف پنهنجي پورٽ آپريشنز کي وڌائڻ آهي پر قازقستان ۽ وچ ايشيا جي وڌي خطي سان وڌندڙ اقتصادي انضمام مان فائدو کڻندي پاڻ کي هڪ اسٽريٽجڪ واپار ۽ ٽرانزٽ حب طور بيهڻ آهي.