اسلام آباد-02 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاع واري وزير خواجه محمد آصف سان چيف آف اسٽاف بحرين ڊفينس فورسز ليفٽيننٽ جنرل ذياب بن صقر عبدالله النعيمي سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي اهم شعبن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ جون راهون ڳولڻ تي ڌيان ڏنو ويو. اڱاري ڏينهن بچاءَ واري وزارت مان جاري ڪيل بيان مطابق ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري سهڪار تي اطمينان ۽ گڏيل فائديمند شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.