بيجنگ-02 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ۽ روس مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار بابت 20 کان وڌيڪ دستاويزن تي صحيحيون ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي صدر شي جن پنگ ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن توانائي، مصنوعي ذهانت ۽ ٻين شعبن ۾ سهڪار سان لاڳاپيل 20 کان وڌيڪ دستاويزن تي صحيحيون ڪيون. انهن دستاويزن ۾ ايروسپيس انڊسٽري، زراعت، صحت جي سار سنڀال، سائنسي تحقيق، تعليم ۽ سڌ سماءِ جهڙن شعبن کي شامل ڪيو ويو آهي.