ڪراچي-03 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته حيدرآباد–سکر موٽروي (ايم-6) ۽ ڪراچي نادرن باءِ پاس–ڄامشورو موٽروي (ايم-10) رڳو سنڌ نه پر سموري ملڪ جي معيشت لاءِ انتهائي اهم آهن. ايم-6 سنڌ جي نوجوانن لاءِ روزگار ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪندو جڏهن ته ايم-10 ڪراچي جي ٽريفڪ مسئلن کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيندو. سي ايم جي ترجمان موجب اهي ڳالهيون وڏي وزير،  وفاقي وزير ِ مواصلات عليم خان سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيون ۽ ٻنهي وڏن انفراسٽرڪچر منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ان موقعي تي وفاقي سيڪريٽري علي شير بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته حيدرآباد–سکر موٽروي (ايم-6)، جيڪو اتر–ڏکڻ موٽروي لنڪ جو آخري حصو آهي، پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت حتمي منظوري حاصل ڪري چڪو آهي. منصوبي کي اقتصادي رابطا ڪاميٽي (اي سي اين اي سي) 363 ارب رپين جي لاڳت سان منظور ڪيو آهي. اين ايڇ اي منصوبي کي پنج مرحلن ۾ مڪمل ڪندي. اسلامي ترقياتي بئنڪ ٻن حصن جي فنڊنگ جي خاطري ڪرائي آهي جڏهن ته هڪ چيني ڪمپني پنجن ئي حصن جي تعمير ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي. اختيارين ٻڌايو ته ايم-6 پاڪستان جي اتر–ڏکڻ موٽروي جو اھم حصو مڪمل ڪندي جيڪا پشاور کي ڪراچي سان ملائيندي. هي منصوبو واپار، لاجسٽڪس ۽ علائقائي ترقي وڌائيندو، سفر جو وقت گهٽ ڪندو، حفاظت کي بهتر بڻائيندو ۽ بندرگاهه کان اندرون ملڪ رابطن کي آسان بڻائيندو. اجلاس ۾ ايم-10 موٽروي منصوبي تي به غور ٿيو جيڪو هاڻي هڪ عام باءِ پاس اپ گريڊ کان وڌي ٻن حصن تي مشتمل وڏو منصوبو بڻجي ويو آهي، ڪراچي نادرن باءِ پاس (34 ڪلوميٽر) آءِ سي آءِ پل کان همدرد يونيورسٽي چوڪ تائين، جنهن کي 8 لين موٽروي ۾ تبديل ڪيو ويندو. 134 ڪلوميٽر نئين ايم-10 موٽروي همدرد يونيورسٽي چوڪ کان ايم-6 ڄامشورو تائين، کيرٿر رينج ذريعي، 6 لين موٽروي ٺاهي ويندي. ان کان علاوه 23 ڪلوميٽر ڊگهو حصو، جيڪو همدرد يونيورسٽي چوڪ کي ايم-9 سان ڳنڍي ٿو، 6 لين روڊ ۾ اپ گريڊ ڪيو ويندو. اهڙيءَ ريت سمورو رستو ڪراچي پورٽ کان ايم-6 ڄامشورو تائين هڪ هاءِ ڪيپيسٽي موٽروي ۾ تبديل ٿي ويندو. في الحال ايم-10 جي فزيبيلٽي اسٽڊي نيشنل انجنيئرنگ سروسز پاڪستان (نيسپاڪ) وسيلي جاري آهي.اجلاس ۾ وفاقي وزير عليم خان چيو ته منصوبي جو بنيادي مقصد ڪراچي جي ٽريفڪ کي گهٽائڻ آهي ته جيئن بندرگاهه کان قومي موٽروي نيٽ ورڪ تائين هڪ تيز رفتار رستو ٺهي جنهن سان شهر جي ٽريفڪ مان گذرڻ جي ضرورت ختم ٿي وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي حڪومت جي تعاون کي ڀليڪار ڪندي چيو ته اهي ٻئي منصوبا رڳو سنڌ نه پر سموري ملڪ جي معيشت لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته ايم-6 اندرون سنڌ جي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪندي ۽ ايم-10 ڪراچي جي ٽريفڪ مسئلن کي ختم ڪندي. وفاقي وزير عليم خان وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته مواصلات واري وزارت۽  اين ايڇ اي ٻنهي منصوبن کي شفاف ۽ وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، حاجي علي حسن زرداري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ نجم شاهه ۽ سيڪريٽري وڏي وزير رحيم شيخ موجود هئا. وفاقي سيڪريٽري مواصلات علي شير ۽ نيشمل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جو چيئرمين صاحبزادا شهريار سلطان پڻ اجلاس ۾ شريڪ هئا.