نوابشاه-03 سيپٽمبر(اي پي پي) سنڌ رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل درياهن ۽ بئراجن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ جي آبپاشي کاتي موجب گڊو بئراج تي پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ کانپوءِ هاڻي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 369،649 ڪيوسڪ ۽ پاڻي جو هيٺاهون وهڪرو 354،224 ڪيوسڪ آهي. سکر بئراج ۾ پاڻي جي اضافي کان پوءِ مٿانهون وهڪرو 300،575 ڪيوسڪ جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 250،875 ڪيوسڪ آهي، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 266804 ڪيوسڪ ۽ ڊائون اسٽريم ۾ هيٺانهون وهڪرو 237999 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان مڪمل نگراني جو عمل جاري آهي ۽ لاڳاپيل ادارا هر امڪاني قدم لاءِ تيار آهن سمورا ادارا هڪ پيج تي آهن ۽ صورتحال ضابطي ۾ آهي.