اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته مشڪل گهڙي ۾ سياست نه پر خدمت جو جذبو هجڻ گهرجي، پي ٽي آءِ يوم آزادي ۽ يوم استحصال ڪشمير سميت سمورن اهم قومي ڏينهن کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ سڀني کي گڏجي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو اينڊ رليف آپريشن جاري آهي، پنجاب جي وزيراعليٰ کي متاثر علائقن ۾ ٻوڏ ۾ گهٽ کان گهٽ جاني نقصان يقيني بڻائڻ تي کيس خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اهڙو اظهار هن قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. انجنيئر امير مقام چيو ته گذريل ڏينهن بلوچستان ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪريون ٿا، روزاني اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن، اسان چئون ٿا ته ان جو گڏجي ويهي حل ڪڍيو وڃي، روزاني جي بنياد تي سيڪيورٽي اهلڪار ۽ سويلين نشانو بڻجي رهيا آهن، هي ڪنهن فرد يا پارٽي جو نه پر پوري قوم جو مسئلو آهي، سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري ان تي غور ڪرڻ گهرجي، هي اسان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن دعا ڪئي ته الله پاڪ سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيلن جي مغفرت فرمائي ۽ زخمين جي جلد صحتياب ڪري. هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جاري آهي، ان آپريشن ۾ پاڪ فوج، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، قدرتي آفتن کان بچاءُ جا ادارا، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي سميت جنهن به حصو ورتو ان جو ٿورو مڃون ٿا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جا ٿورائتا آهيون ته هو پاڻ متاثر علائقن ۾ آيا، ٻوڏ سبب وڌيڪ نقصان بونير ۾ ٿيو. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ به ٻوڏ متاثرن جي هر طرح جي مدد ڪري رهيا آهيون، خيبرپختونخوا ۾ متاثر علائقن ۾ موجود رهياسين ۽ مشڪل جي هن گهڙي ۾ متاثرن سان گڏ آهيون. وزيراعظم ٻوڏ متاثر علائقن ۾ شهيد ٿي ويلن جي وارثن لاءِ 20، 20 لک روپين جي معاوضي جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي ادائيگي جاري آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ٻوڏ واري صورتحال تي بحث ٿي رهيو هو تڏهن پي ٽي آءِ ان بحث ۾ حصو نه ورتو، جڏهن پوري قوم مشڪل ۾ آهي ته قومي ڏينهن وانگر ان اهم وقت ۾ به هنن بائيڪاٽ ڪيو، 5 آگسٽ تي يوم استحصال جي موقعي تي جڏهن اسان دنيا کي ڀارتي غير قانوني قدمن کان آگاهه ڪرڻ لاءِ اهو ڏينهن ملهائيندا آهيون ته ان ڏينهن کي به هنن تڪراري بڻايو ته قوم ۾ ويڇو نظر اچي، پوءِ 14 آگسٽ تي جشن آزادي جي موقعي تي به اهڙي طرح احتجاج جو سڏ ڏنو ويو، ان سان دنيا کي ناڪاري پيغام ويو ته يوم آزادي جي موقعي تي به قوم ورهايل آهي، هي پنهنجي احتجاج لاءِ ڪنهن ٻي ڏينهن جي چونڊ به ڪري سگهن ٿا. امير مقام چيو ته پي ٽي آءِ کي گڏجي ويهي ان جو تعين ڪرڻ گهرجي ته ان جا ترجمان ڪيترا آهن، هڪڙو هڪڙي ڳالهه ڪري ٿو ته ٻيو ٻي ڳالهه ڪري ٿو، هن ملڪ ۾ انقلاب آڻڻ کان پهرين پنهنجي پارٽي ۾ انقلاب آڻيو، مخالف ڌر اڳواڻ لاءِ به سندس پارٽي جي اندر اتفاق راءِ نه ٿي سگهيو، اسان محمود خان اچڪزئي جو احترام ڪريون ٿا، هي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ڪڏهن اسيمبلي جي اندر ۽ ڪڏهن اسيمبلين کان ٻاهر ڪيس وڙهڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، هي جيڪڏهن ايوانن کان ٻاهر نڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا ته ان جي شروعات خيبرپختونخوا کان ڪريو. جيڪڏهن کين جمهوريت ۽ سسٽم تي يقين ناهي ته سڀني کان پهرين جتي 12 سالن کان سندس حڪومت آهي ان کي ڇڏيو. هن وزيراعظم کي چين جي ڪامياب دوري تي پوري قوم کي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته جڏهن پاڪستان درست رخ ۾ هلڻ شروع ٿيندو آهي ته هڪ طبقي کي تڪليف ٿي ويندي آهي، هن چيو ته قوم پاڪ ڀارت جنگ ۽ ٻين اهم معاملن تي ٽيم ورڪ ڏٺو آهي، پاڪستان دفاعي ۽ معاشي هر محاذ تي سرخرو ٿي رهيو آهي، پي ٽي آءِ کي پنهنجي ليڊر سان گڏوگڏ پاڪستانيت ۽ ملڪ جي مشڪلاتن ۽ ٻوڏ متاثرن جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، عوام سندس سياست کي چڱي طرح ڏسي رهي آهي. امير مقام چيو ته وزيراعظم شهباز شريف واضح لفظن ۾ چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ ڪا سياست نه ٿيندي، متاثرن لاءِ ملندڙ امداد لاڳاپيل ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ انتظاميه جي حوالي ڪئي تنهن هوندي به ڪجهه علائقن ۾ ان امدادي سامان تي پي ٽي آءِ جا جهنڊا لڳائي ورهايو ويو. وزيراعظم گذريل ڏينهن ٻوڏ صورتحال جي حوالي سان اجلاس منعقد ڪيو جنهن ۾ سمورن صوبن کان انهن جي ضرورت پڇي وئي.