ڪراچي-03 سيپٽمبر (اي پي پي)ريلوي وارو وفاقي وزير حنيف عباسي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڪراچي پهتو، ايئرپورٽ تي سڌ سماءَ واري وزارت جي ترجمان راجا خليق الزمان انصاري، ڊي ايس ريلوي ۽ ٻين عملدارن وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير راجا خليق الزمان انصاري سان ڳالهائيندي چيو ته لاهور وانگر ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن کي به اپ گريڊ ڪنداسين. ڪراچي سميت حيدرآباد، سکر ۽ روهڙي ريلوي اسٽيشنن تي ڪم ٿيندو. وفاقي وزير سٽي ريلوي ۽ ڪينٽ اسٽيشن جو دورو ڪري موجوده صورتحال جو جائزو پڻ ورتو. ريلوي عملدارن کيس ايندڙ حڪمت عملي ۽ تعميراتي ڪمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي سڌ سماءَ واري وزارت جي ترجمان راجا انصاري چيو ته شهر قائد ۾ ميگا منصوبو مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جو ڪارنامو آهي، هاڻي ڪراچي ريلوي کي اپ گريڊ ڪرڻ سان لکين شهري جديد سهولتن مان لاڀ پرائيندا ۽ کين بهتر ماحول به فراهم ڪيو ويندو. وفاقي وزير ڪراچي ۾ قيام دوران مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪنن سان به ملاقاتون ڪندو.