نوابشاهه – 3 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو سان گڏ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ کنيل قدمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ شهيد بينظير آباد ضلعي جو دورو ڪيو، هن سمورين ڌرين کي ريليف جي ڪمن کي تيز ڪرڻ ۽ ٻوڏ متاثر خاندانن جي مدد جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب بي بي آصفه ڀٽو زرداري شهيد بينظير آباد ضلعي ۾ ٻوڏ ريلي جي اچڻ جي صورت ۾ پيدا ٿيندڙ عوام جي مسئلن ۽ ان جي حل جي حوالي سان انتظاميا کي طلب ڪري ورتو. بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي ڪمشنر، ڊي سي، ايس ايس پي سميت آبپاشي کاتي، ريسڪيو 1122 ۽ صحت جي ادارن جي منتظمين پاران بريفنگ ڏني وئي ۽ آگاهه ڪيو ويو ته سپر فلڊ جي صورت ۾ ضلعي جي 9 يونين ڪائونسلن جي 95 ڳوٺن ۾ رهندڙ 80 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي ٻوڏ کان متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، سپر فلڊ جي صورت ۾ ضلعي ۾ 64 هزار جانور ٻوڏ کان متاثر ٿي سگهن ٿا جن جي انخلا جو عمل جاري آهي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏني وئي ته ضلعي ۾ ٻوڏ سبب قاضي احمد ۽ سڪرنڊ جا علائقا ٿٽ، سعيد ڪانڊو، ڦليل، کهڙ، گهرام مري، بهاول شاهه، محرابپور، ماڙي ۽ موريا لاکو متاثر ٿي سگهن ٿا، قاضي احمد ۽ سڪرنڊ ۾ 59 ريليف ڪئمپون فعال ڪيون ويون آهن جڏهن ته 11 ميڊيڪل ڪئمپون پڻ متاثر علائقن ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. کيس آگاهه ڪيو ويو ته امدادي ڪمن جي لاءِ لائيف جيڪٽس، ٻيڙيون، فائربرگيڊ، ايمبولينس، ڊي واٽرنگ پمپس ۽ وينٽي ليٽر جو انتظام ڪيو ويو آهي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري پوليس ۽ انتظامي ادارن سميت امدادي ڪمن ۾ حصو وٺندڙ رضاڪارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته شهيد بينظير آباد ضلعي جي عوام کي آئون ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينديس، سياسي اختلافن کي مٿانهون رکي هي وقت هڪ قوم بڻجي هڪ ٻئي سان گڏ بيهڻ جو آهي. هن چيو ته 5 سالن جي مختصر عرصي ۾ اسان ٽئين وڏي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ وڃي رهيا آهيون، اميد ڪريان ٿي ته موجوده ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انتظاميا ماضي جي تجربن مان سکي وڌيڪ بهتر قدم کڻندي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري هدايت ڪئي ته امدادي سرگرمين جو سلسلو تيز ڪيو وڃي، وقت سر مدد جي حوالي سان ڪنهن به قدم کان پاسو نه ڪيو وڃي.