اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پاڪستان ۾ لکين ٻار اڃان به اسڪول کان ٻاهر آهن ۽ انهن جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ قومي ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن گڏيل قومن جي تعليمي، سائسني ۽ ثقافتي اداري (يونيسڪو) جي سربراهه فواد پاشايف سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته فواد پاشايف پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ سبب ٿيل تباهڪارين تي افسوس جو اظهارڪيو ۽ يونيسڪو طرفان مڪمل تعاون ۽ مدد جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ يونيسڪو جي پاڪستان ۾ جاري منصوبن تي غور ڪيو ويو، خاص ڪري تعليم، ثقافت ۽ سماجي ترقي جي شعبن ۾. ان دوران اهم مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جن ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن خاص ڪري ٻارڙين جي مسئلي، زرعي ۽ سماجي علم جي حوالي سان چئلينجز شامل هئا. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ٻارڙين جي تعليم جي ايجنڊا تي يونيسڪو جي ويجهي تعاون تي ٿورو مڃيو. هن خاطري ڪرائي ته پاڪستان حڪومت يونيسڪو سان گڏجي تعليم معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ استادن جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ لکين ٻار اڃان به اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ انهن جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ قومي ترجيح آهي. هن وڌيڪ چيو ته معياري تعليم جي فراهمي ۽ استادن جي تربيت کي مضبوط بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. يونيسڪو جي سربراهه فواد پاشايف ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان تعليم جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ لاءِ يونيسڪو ۽ ٻين دوست ملڪن سان ويجهي حصيداري جاري رکي سگهندو. تعليم واري سيڪريٽري نديم محبوب پاڪستان ۽ يونيسڪو وچ ۾ تعاون کي ثابت قدم ۽ نتيجا ڏيندڙ قرار ڏنو. هن ٻڌايو ته اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي مسئلي جي حل لاءِ هڪ مسوده منصوبو پهرين ئي تيار ڪيو ويو آهي، رسمي تعليم سان گڏوگڏ غير رسمي تعليم تي به وزارت ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ زيرو آئوٽ آف اسڪول چلڊرن پلان 2030ع کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. ملاقات جي پڄاڻي تي هن چيو ته ازبڪستان ۾ ٿيندڙ يونيسڪو جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان ڀرپور شرڪت ڪندو.