اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين صادق سنجراڻي جي والد جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق صادق سنجراڻي جي نالي تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو ان ڏک جي گهڙي ۾ صادق سنجراڻي ۽ سندس خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن، الله تعاليٰ کان مرحوم جي درجن جي بلندي صادق سنجراڻي ۽ سندس خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ لاءِ صبر جي دعا ڪئي.