حيدرآباد-02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي خاص مددگار مخدوم فخرالزمان مٽياري ضلعي ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي سروري جماعت جي نمائندن ۽ سياسي ڪارڪنن کي چيو آھي ته اهي رضاڪاراڻا طور ماڻھن جي مدد لاءِ بند تي ڪئمپون قائم ڪن. سندس هدايت تي عمل ڪندي مٽياري ۾ سنڌو درياهه جي حساس بند ڪلياڻ وٽ امدادي ڪئيمپ قائم ڪئي وئي آهي۔ رليف ڪيمپ ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ خوراڪ، پاڻي، دوائون ۽ ٻيون ضرورت جون شيون فراهم ڪيون وينديون. مخدوم فخرالزمان رليف ڪيمپ جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي۔ هن وڌيڪ چيو ته موجوده حالتن ۾ ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهيون.