ڪراچي-02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته ممتا پروگرام جي نالي سان مشهور ميٽرنل اينڊ چائلڊ سپورٽ پروگرام کي وڌيڪ 7 ضلعن تائين وڌايو وڃي، جنهن سان مجموعي دائرو 22 ضلعن تائين وڌي ويندو.  هن واڌاري جو مقصد تازن ڄاول ٻارڙن جي صحت ۾ سڌارو آڻڻ آهي، جنهن لاءِ مربوط طبي سهولتن سان گڏ ڳورھارين ۽ ٻار کي کير پياريندڙ مائرن کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي. اهڙو فيصلو سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي ٻي بورڊ اجلاس ۾ ڪيو ويو، جيڪو وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو. چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سميع الله شيخ پروگرام جي تازي اڳڀرائي ۽ تجويز ڪيل واڌاري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بريفنگ کانپوءِ وڏي وزير لاڙڪاڻي، سکر، خيرپور، شهيد بينظير آباد، ڄامشوري، دادو ۽ نوشهروفيروز کي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني. هي پروگرام اڳ ۾ 15 ضلعن ۾ جاري هو.  ان واڌاري سان گڏ ڳورھارين ۽ ٻار کي کير پياريندڙ عورتن کي 3 سالن ۾ 41 هزار روپيا مالي مدد ڏني ويندي، جيڪا اڳ ۾ 30 هزار روپيا هئي.  هن امداد جو مقصد ماءُ جي مناسب خوراڪ، باقاعده طبي چڪاس ۽ محفوظ ڄم کي يقيني بڻائڻ آهي.  هي پروگرام 48.3 ارب روپين جي وڏي سماجي تحفظ منصوبي جو حصو آهي، جنهن مان 6.3 ارب روپيا سنڌ حڪومت ڏئي رهي آهي. اهو پروگرام جنوري 2023 ۾ شروع ٿيو هو ۽ ڊسمبر 2027 تائين جاري رهندو.  هن وقت تائين صوبي جي 800 صحت مرڪزن تي 7 لک 70 هزار ڳورھارين ۽ ٻار کي کير پياريندڙ عورتن جي داخلا ٿي چڪي آهي، جن مان 740 مرڪز پيپلز پرائمري هيلٿ ڪيئر انيشيٽو تحت ۽ 62 مرڪز صحت کاتي جي انتظام هيٺ آهن. اهليت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال، ڪمپيوٽرائيزڊ نيشنل سڃاڻپ ڪارڊ جو هجڻ ۽ مقرر ڪيل ضلعن ۾ رهائش ضروري آهي. ڄاول ٻارڙن جي مددگار پروگرام (ممتا) مشروط مالي امداد واري ماڊل تي ٻڌل آهي جنهن ۾ روڪ رقم کي ماءُ جي صحت جي اهم مرحلن سان ڳنڍيو ويو آهي، جيئن حمل دوران طبي چڪاس ۽ پيدائش کان پوءِ سار سنڀال.  ان جو مقصد حمل ۽ ٻارڙن جي موت جي شرح کي گهٽائڻ ۽ گهٽ آمدني وارن پٺتي پيل علائقن ۾ مائرن ۽ ٻارڙن جي بهتر صحت کي يقيني بڻائڻ آهي. آبادي جي انگن اکرن ۽ پيدائش جي شرح جي حساب سان اندازو آهي ته 5 سالن جي عرصي دوران ڄاڻايل ضلعن ۾ 26 لک ڳورھاريون ۽ ٻار کي کير پياريندڙ عورتون موجود هونديون. حڪومت جو هدف آهي ته انهن مان 13 لک عورتن تائين رسائي حاصل ڪئي وڃي، جيڪا مستحق آبادي جو 50 سيڪڙو بڻجي ٿي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سماجي تحفظ جي فراهمي ۾ واڌارو سندس حڪومت جي حڪمت عملي جو هڪ اهم حصو آهي، جيئن ڄاول ٻارڙن جي صحت ۾ بهتري آڻي سگهجي، غربت گهٽجي ۽ خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙي وارين عورتن کي بااختيار بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سيد سردار شاهه، وزيراعليٰ جو خاص مددگار سرفراز راڄڙ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ۽ ٻين شرڪت ڪئي.