اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي، ته پاڪستان جي معيشت ۽ دفاع هن وقت محفوظ هٿن ۾ آهن، اسان کي وائر ٿيل شوق ۾ بيورو ڪريسي ۽ ڪانٽريڪٽرز کي تنقيد جو نشانو بڻائي پنهنجي حڪومت جي ڪارڪردگي کي نقصان نه پهچائڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪيترائي ڪروڙين روپين جي گهرن ۾ رهندڙ چون ٿا ته ٻوڏ ۾ لڙهي وڃڻ سبب بي گهر ٿي ويا آهيون. هن چيو ته اسان هتي بيورو ڪريسي تي تنقيد ڪندا آهيون، هن ايوان کي گهٽ وڌ چوندا رهندا آهيون، اسان کي حڪومتي بئنچن تي ويهي مخالف ڌر وارو رويو اختيار نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي تڪ ۾ ڪا حددخلي هجي ته ان جو تدارڪ ڪرڻ منهنجي ذميواري آهي، پنڊي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ ۾ اسان ڀرپور ڪم ڪيو. هن چيو ته بيورو ڪريسي ۽ هن پارليامينٽ ۾ مطلب هر جاءِ تي سٺا ۽ خراب ماڻهو آهن. هتي بيهي انهن کي گهٽ وڌ نه ڳالهائڻ گهرجي، اسان ڏٺو آهي، ته حڪومت ۾ پاليسين تي اختلافن تي وزيرن عهدا ڇڏيا پر پارٽي وابستگي برقرار رکي. پاڪستان جي معيشت ۽ دفاع مضبوط هٿن ۾ آهن، هن چيو ته وزيراعظم جو چين ۾ جهڙي طرح استقبال ٿيو، ان جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي، اسان هڪ فاتح جي حيثيت سان دنيا ۾ گهمي رهيا آهيون، فيلڊ مارشل جي بهادري ۽ جوانن جي قربانين سبب اڄ اهو مقام مليو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ اهڙو گندو ماحول ٺاهيو آهي جنهن ڪري ڊي ايڇ اي جي نالي ۾ لڙهي ويلن جي مذاق اڏائي وئي، اسان کي ان کي روڪڻو آهي. هن چيو ته فيلڊ مارشل ۽ شاهينن جي دنيا ۾ تعريف ٿي رهي آهي ته ڪجهه ڌرين جي پيٽ ۾ وڪڙ پئجي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ پنجاب کي ڊس ڪريڊٽ نه ڪيو وڃي. اسان ڪم ڪيو آهي، ڪنهن کي بليڪ ميل نه ڪيو آهي، ڪنهن ڪانٽريڪٽر جي اها جرئت ناهي ته هو غير معياري ڪم ڪري ۽ ان کي ادائگي ڪئي وڃي. هن چيو ته پنهنجي ماڻهن جي نمائندگي حق ۽ سچ سان ڪندا رهنداسين، اسان جيل ڪاٽيا، ملڪ، جان ۽ مال جي حفاظت ڪندڙ طاقتور آهي، اسان جي شاهينن جنگ ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو اهو ايندڙ وقت تائين ياد رهندو. اڄ دنيا ان جي ئي ڪري اسان جي عزت ڪري رهي آهي.