اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ متاثر علائقن جو دورو ڪري امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو آهي، ٻوڏ ۽ برسات سبب فوت ٿيندڙن جي وارثن کي معاوضي جي ادائيگي جلد يقيني بڻائينداسين، صوبائي حڪومت طرفان متاثرن جي فهرست جي فراهمي ۾ دير سبب ٻين متاثرن کي امدادي چيڪ ڏيڻ ۾ دير ٿي. 40 جي لڳ ڀڳ شهيدن جي وارثن کي وزيراعظم چيڪ پيش ڪيا. قومي اسيمبلي ۾ ملڪ ۾ جاري ٻوڏ ۽ برساتن جي تباهين تي بحث جي شروعات ڪندي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ ۽ برساتن جي متاثرن سان گڏوگڏ افغانستان ۾ زلزلي سبب ٿيل جاني نقصان تي همدردي جو اظهار ڪيان ٿو. مون کي متاثر علائقن ۾ وزيراعظم ڪو آرڊينيشن جي ذميواري سونپي، خيبر پختونخوا سان گڏوگڏ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به بوڏ ۽ برساتن سبب وڏو نقصان ٿيو آهي. 14 آگسٽ تي گلگت بلتستان ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪيترائي ماڻهو فوت ٿيا. روڊ رستا لڙهي ويا، هن چيو ته ان کان اڳ بابو سرٽاپ جو واقعو ٿيو، ان ۾ به جاني نقصان ٿيو، ان سموري صورتحال کي مانيٽر ڪري رهيو آهيان. مون وزيراعظم جي هدايت تي متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ متاثرن کي سندن علائقن ۾ معاوضي جي ادائگي ڪئي وئي. مواصلات واري وزارت متاثر رستن جي بحالي لاءِ فعال آهي. هن ٻڌايو ته 15 آگسٽ تي ڪي پي ڪي ۾ ٻوڏ آئي، بونير ۾ تباهي ٿي. وزيراعظم متاثرن جي بحالي ۽ رليف لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. هن وقت  هو چين جي دوري تي آهي ۽ اڄ به زوم تي ان ڪميٽي جو جائزه اجلاس منعقد ڪرڻو آهي، انهي لاءِ وزيراعظم روزاني جي بنياد تي اجلاس گهرائي ان جي مانيٽرنگ ڪري ٿو. هن چيو ته ٻوڏ سبب ڪاروبار ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، اسان وفاق طرفان متاثرن لاءِ امداد جي حوالي سان به سروي ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته مون شانگلا، باجوڙ، صوابي سميت متاثر علائقن ۾ ويو  آهيان. هن چيو ته هن ايوان ۾ اهو سوال اٿاريو ويو ته وفاق متاثرن کي ڇا امداد ڏني آهي. هن چيو ته بونير ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو. وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل به بونير جو دورو ڪيو. هن چيو ته اتي جي ماڻهن جي جذبي کي سلام پيش ڪيون ٿا. هو اتي اسان کي ٻڌايو ويو ته رليف ۾ ڪا به کوٽ ناهي، اسان وٽ ايترو رليف آهي، جو جڳهه گهٽجي وئي آهي. کين بجلي ۽ موبائيل سروس جي بحالي گهرجي. ان تي پاور منسٽري ۽ آءِ ٽي جا شڪرگذار آهيون ته انهن پوري پاڪستان ۾ مين پاور بلاڪ ڪري بجلي کي ڪجهه ڪلاڪن اندر  92 مان 88 فيڊرز کي بحال ڪيو، باقي 4 به جلد بحال ٿي ويندا. هن ٻڌايو ته پاڪ فوج ۽ اين ڊي ايم اي جون ٽيمون متاثر علائقن ۾ موجود آهن، اسان اين ايڇ اي کي پابند ڪيو ته هنن مشينري کي فعال ڪيو ۽ متاثر روڊن کي بحال ڪري ڇڏيو. هن چيو ته وفاق طرفان سمورن فوت ٿيلن جي وارثن ۾ امدادي چيڪ ورهايا ويندا. وزيراعظم پنهنجي دوري جي موقعي تي 40 فوت ٿي ويلن جي وارثن کي امدادي چيڪ ڏنا ۽ باقي رهيلن کي به جلد امداد فراهم ڪنداسين.