اسلام آباد -03 سيپٽمبر (اي پي پي) 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ فوج دشمن کي فضائي سميت هر محاذ تي شڪست ڏني، جاري ڪيل تفصيلن موجب 3 سيپٽمبر 1965ع تي جنگ جاري هئي ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج عوام سان گڏجي ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏئي رهي هئي، هڪ طرف ڀارتي وزيراعظم لال بهادر شاستري پنهنجي قوم تي پاڪ فضائيه جي حملن جي خوف کي ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو، ٻئي پاسي پاڪ فوج ڇمڀ سيڪٽر ۾ ڀارت جي 500 جوانن کي جنگي قيدي بنائڻ سميت دشمن جي 15 ٽنڪن ۽ ٻين هٿيارن تي قبضو ڪري ورتو. پاڪ فوج جي ڪمانڊر ان چيف جنرل محمد موسيٰ ڀارتي زخمي سپاهي جي هڪ فيلڊ اسپتال ۾ عيادت ڪئي، ليفٽيننٽ ڪرنل نصير الله بابر اڻڄاڻائي ۾ ڪشمير جي ڀمڀر سيڪٽر ۾ هڪ ڀارتي پوزيشن تي پنهنجو هيليڪاپٽر لاٿو جڏهن ته هن حاضري دماغي جو مظاهرو ڪندي صرف هڪ پستول سان 30 ڀارتي سپاهين کي ڌوڪو ڏئي جنگي قيدي بڻائي ورتو. پاڪف ضائيه ڀارت جا 3 جهاز تباهه ڪيا، هڪ جهاز پسرور ايئر فيلڊ تي فلائيٽ ليفٽيننٽ حڪيم الله تباهه ڪيو، ٻي  جينٽ اي 1083 کي فلائيٽ آفيسر عباس مرزا پسرور جي ايئر فيلڊ تي لاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جي اين اي ٽي 1083 ڀارتي جهاز جو اسڪواڊرن ليڊر برج پال سنگهه اڏائي رهيو جنهن کي جنگي قيدي بڻايو ويو، ان بي مثال ويڙهه کان پوءِ ٻه ڀارتي جهاز وڏو نقصان کڻندي ڀڄي ويا.