اسلام آباد -03 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع پاڪ فوج جي ثابت قدمي ۽ قربانين جي اعتراف جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن جي مناسبت سان آءِ ايس پي آر  يوم دفاع جي موقعي تي نئون پرومو جاري ڪري ڇڏيو. جاري تفصيلن موجب يوم دفاع پاڪ فوج جي جرئت، قرباني ۽ وطن سان محت جي تاريخ جو جشن آهي. 1965ع ۾ سرحدن جو دفاع هجي يا حق جي ويڙهه، پاڪ فوج دشمن آڏو  هر محاذ تي شيهي جي ڀت ثابت ٿي، پاڪ فوج جي بهادري تاريخ ۾ سونهري لفظن ۾ لکي ويندي، يوم دفاع دشمن جي خوابن کي مٽيءَ ۾ ملائڻ جي عهد جو ڏينهن آهي. وطن جو دفاع ئي وطن جي بقا جي ضمانت آهي، پوري قوم پاڪ کي سلام پيش ڪري ٿي.