اسلام آباد – 3 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عوامي جمهوريه چين جي حڪومت ۽ عوام کي فتح جي 80هين سالگرهه تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته فتح جو ڏينهن عالمي امن ۾ چين جي تاريخي ڪردار جو اعتراف آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 3 سيپٽمبر ان عظيم ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن چيني عوام فاشزم ۽ شدت پسندي خلاف بيمثال قربانيُون ڏنيُون ۽ جرئتمنداڻي جدوجهد ڪئي. هن تاريخي ڏينهن کي ياد ڪرڻ نه رڳو عالمي امن ۽ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ۾ چين جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو پر سگهه، جرئت ۽ ظلم خلاف اتحاد جهڙن ابدي قدرن کي اجاگر ڪري ٿو. هن چيو ته فتح جو ڏينهن عالمي امن ۾ چين جي تاريخي ڪردار جو اعتراف آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، احترام ۽ گڏيل وزن تي ٻڌل آهن. صدر فتح جي ڏهاڙي جي سالگرهه تي مبارڪباد ڏيندي چين سان يڪجهتي جي عزم کي ورجايو ۽ چين جي ترقي، امن ۽ خوشحالي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.