اسلام آباد – 3 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۾ شاهواڻي اسٽيڊيم ويجهو ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي واقعي جي جاچ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدارت جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل هڪ بيان موجب صدر ڌماڪي ۾ مارجي ويندڙن جي خاندانن سان تعزيت ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي. صدر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي هرممڪن طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن لاڳاپيل ادارن کي واقعي جي مڪمل جاچ ڪرڻ ۽ ملوث عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو به حڪم ڏنو آهي.