بيجنگ – 3 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي ريلي ۾ ٿيل ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي سياسي ريلي تي حملي کي بلوچستان ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ دهشتگردن جي ڪڌي سازش جو واضح ثبوت قرار ڏنو آهي. واقعي تي پنهنجي رد عمل ۾ وزيراعظم ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم ڌماڪي ۾ ملوث ماڻهن جي جلد کان جلد سڃاڻپ ڪري انهن کي سخت کان سخت سزا ڏيڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن چيو ته سياسي ريلي تي حملو بلوچستان ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ دهشتگردن جي ڪڌي سازش جو واضح ثبوت آهي. دهشتگرد بلوچستان جي امن ۽ ترقي جا دشمن آهن. دهشتگردي جي ان لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي هن چيو ته بيگناهه ۽ معصوم شهرين تي دهشتگرداڻا حملا بزدلاڻيُون ڪارروايون ۽ مذمت جوڳو عمل آهي.