اسلام آباد – 3 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سينئر فوٽو جرنلسٽ جهانگير چوڌري جي ننڍي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته جهانگير چوڌري جي ڀاءُ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. ڀاءُ جو نقصان هڪ ناقابل تلافي صدمو آهي. ڏک جي هن گهڙي ۾ جهانگير چوڌري ۽ سندس خاندان سان برابر جا شريڪ آهيُون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي پنهنجي رحمت ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ پونئرن کي صبر ۽ جميل عطا ڪري.