اسلام آباد -03 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪوئٽا ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي جلسي ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي شديد مذمت ڪندي قيمتي انساني جانين جي نقصان تي  گهري ڏک جو اظهار ڪوي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته قومي يڪجهتي ۽ سياسي سرگرمين دوران دهشتگردي جي ڪارروائين جي نتيجي ۾ بيگناهه شهرين جون حياتيون ضايع ٿيڻ تمام گهڻو افسوسناڪ ۽ برداشت نه ڪرڻ جوڳو آهي. اهو اصل ۾ پاڪستان ۾ سياسي ۽ جمهوري رواداري تي حملو آهي، پر دهشتگرد عنصر پنهنجي ناپاڪ عزمن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ چيئرمين چيو ته 2 ۽ 3 سيپٽمبر جي وچ واري رات ان آپگهاتي حملي ۾ بي اين پي جي ڪارڪنن سميت ڪيترائي شهيد ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا، جيڪو پوري قوم لاءِ دلي صدمي جو سبب آهي. هن وارثن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي مرحومن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. سينيٽ چيئرمين ان افسوسناڪ سانحي دوران بلوچستان جي اڳوڻي وزيراعليٰ ۽ بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل جي قافلي کي به نشانو بڻائڻ تي ساڻس دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته هو ڏک جي ان گهڙي ۾ سردار اختر مينگل ۽ سندس ساٿين سان گڏ بيٺل آهي. هن زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سهڪار سان واقعي جي شفاف، جامع ۽ وقت سر جاچ يقيني بڻائين ته جيئن ذميوار عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي. سينيٽ چيئرمين عوام کي اپيل ڪئي ته ان سانحي کي سياسي فائدن يا نقصان جو ذريعو نه بڻجڻ ڏين، پر ملڪي سلامتي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪن. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان به ان افسوسناڪ سانحي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ هو متاثر خاندانن ۽ سردار اختر مينگل جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن مرحومن لاءِ مغفرت ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي جي دعا ڪئي.