اسلام آباد-31 آگسٽ (اي پي پي) ايوان صدر ۾ اقليتن جي حقن بابت ترميمي بل 2025ع تي اتفاق راءِ سان ترميمون طئي ٿي ويون، ترميم ٿيل بل کي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ٻيهر غور لاءِ پارليامينٽ ڏانهن موڪليو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ايوان صدر ۾ ٿيل هڪ تازي اجلاس ۾ ”اقليتي حقن بابت قومي ڪميشن بل 2025ع“ ۾ ترميمن تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي، ترميم کانپوءِ بل پارليامينٽ ڏانهن موڪليو ويو آهي، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ٻيهر غُر ڪيو ويندو. اهي ترميمون صدر مملڪت جي ان پيغام جي جواب ۾ تيار ڪيون ويون آهن جيڪو هن آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 75(1) تحت پارليامينٽ کي موڪليو هو. ان بل جو مقصد مذهبي اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ هڪ قانوني ڪميشن قائم ڪرڻ آهي ته جيئن انهن جي نمائندگي يقيني بڻائي سگهجي ۽ کين امتيازي سلوڪ کان بچائي سگهجي. اهو ڪميشن اقليتن جي حقن کي لاڳو ڪرڻ جي نگراني ڪندو، لاڳاپيل پاليسين جو جائزو وٺندو ۽ ان کي حقن جي خلاف ورزين جي آزاداڻي جاچ ڪرڻ جا اختيار حاصل هوندا. هي قانونسازي پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن جي آئيني تحفظ ۽ عالمي واعدن کي پورو ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي. ڪميشن جي جوڙجڪ ۾ سمورن صوبن ۽ اقليتي برادرين جي نمائندن کي شامل ڪيو ويو اهي، جنهن سان جامعيت ۽ موثر نگراني کي هٿي ملندي. هاڻي بل آئيني عمل تحت پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ غور لاءِ پيش ڪيو ويندو.