تيانجن-31 آگسٽ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف تيانجن يونيورسٽي ۾ نيشنل ارٿ ڪوئيڪ سموليشن سينٽر جو دورو ڪيو ۽ چين جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي ساراهيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب نيشنل ارٿ ڪوئيڪ سيموليشن سينٽر ۾ وزيراعظم کي ڊزاسٽرمينيجمينٽ ۽ ريسڪيو ٽيڪنالاجيز سميت نئين تيار ڪيل ميڊيڪل ريسڪيو گاڏين جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي قدرتي آفتن لاءِ احتياطي اپائن لاءِ تيار ڪيل جديد ٽيڪنالاجي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته چين ۽ پاڪستان جي تعاون سان ان ڏس ۾ ڪيترائي منصوبا موجود آهن ۽ گهڻن تي ڪم جاري آهي، انهن منصوبن ۾ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽيو تحت تعمير ٿيل چائنا پاڪستان جوائنٽ ليب فار ڊزاسٽر اينڊ ايمرجنسي ميڊيسن، عالمي ميڊيڪل ڪوآپريشن سينٽر، چين پاڪستان فرينڊشپ اسپتال ۽ ٻيا منصوبا شامل آهن. وزيراعظم چيو ته چين ۾ استعمال ٿيل جديد ٽيڪنالاجي ۽ طريقا پاڪستان ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتهائي فائديمند ثابت ٿيندا، چيني مهارت مان فائدو کڻندي پاڪستان ۾ مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر احتياطي اپاءُ ۽ لائحه عمل استعمال ڪري سگهبا. وزيراعظم چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۾ موجود عالمي ميڊيڪل سينٽر ۽ چين پاڪستان جوائنٽ ليب جهڙن منصوبن کي وڌيڪ فعال بڻايو وڃي ۽ ان ڏس ۾ چين ۽ پاڪستان وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ واڌ ڏني وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي سطح تي ڀرپور ڪوششون جاري آهن، نارووال، سيالڪوٽ، وزيرآباد، حافظ آباد، چنيوٽ ۽ جهنگ ۾ تازي ٻوڏ واري صورتحال کان متاثر خاندانن لاءِ اڄ اضافي امدادي سامان جا قافلا وفاقي حڪومت طرفان موڪليا ويا آهن جيڪي صوبائي ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي جي حُوالي ڪيا ويندا. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي ملڪ ۾ تازي ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنجاب حڪومت سان مڪمل رابطي ۾ رهڻ ۽ صوبائي ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽين کي ڀرپور تعاون فراهم ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي. هن چيو ته ٻوڏ متاثر خاندانن لاءِ امدادي ڪارروايون جاري رهنديون.