اسلام آباد-31 آگسٽ(اي پي پي) ڀارتي جارحيت خلاف شاندار فتح جي ياد ۾ اسلام آباد جي سيڪٽر  ايڇ – 8 ۾ قومي يادگار ”معرڪه حق “جي تعمير شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن مطابق يادگار جو ٿيم قرآن پاڪ جي آيت ”بنيان المرصوص“مان ورتو ويو آهي، آيت جو مفهوم ”شيهي جي ڀت آهي“ هي ٿيم قوم جي گڏيل پختي عزم ۽ اتحاد جي نشاني آهي، جيڪو هر طرح جي خطرن جو مقابلو گڏجي رهڻ واري جذبي کي اجاگر ڪري ٿو. قومي يادگار جي ڊزائين ۽ تعمير لاءِ فرنٽيئر ورڪس آرگنائزيشن (ايف ڊبليو او) کي ذميواري حوالي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) يادگار لاءِ رکيل جاءِ ايف ڊبليو او حوالي ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خاص هدايت ۽ حڪومتي مالي مدد سان منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.