دبئي – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) اسرائيلي حملي ۾ يمن جي وزيراعظم ۽ 11 وزيرن جي موت جي تصديق ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موپجب يمن جي حوثين جي ڪنٽرول هيٺ علائقي کي هلائڻ لاءِ جوڙيل حڪومت جا 11 وزير گادي واري هنڌ صنعا ۾ اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويا آهن. انهن کان علاوه اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويلن ۾ حڪومتي عهديدار، ۽ حڪومتي سيڪريٽري به شامل آهن. يمن جي حوثي گروپ ان کان اڳ گذريل ڏينهن وزيراعظم احمد غالب الرحاوي جي موت جي به تصديق ڪئي هئي ۽ ٻڌايو هو ته سندس جاءِ تي سندس پهرين نائب محمد مفتاح وزيراعظم جو عهدو سنڀالي ورتو آهي. 28 آگسٽ تي اسرائيلي ويڙهاڪ هوائي جهازن حوثين جي قبضي هيٺ يمني گادي واري هنڌ صنعا تي ان وقت حملو ڪيو هو. جڏهن عبدالمالڪ الحوثي ٽيليويزن تي خطاب ڪري رهيو هو. اسرائيلي فوج موجب حملي ۾ حوثين جي هڪ فوجي ٺڪاڻي کي به نشانو بڻايو ويو.ميڊيا موجب حملي ۾ بچاءَ وارو وزير ۽جنرل اسٽاف چيف سميت انصار الله جي اعليٰ اڳواڻن کي به نشانو بڻايوو يو هو. نشرياتي اداري موجب اسرائيلي جهازن انهن ٺڪاڻي تي گهٽ ۾ گهٽ 10 حملا ڪيا جتي تحريڪ جا ميمبر پنهنجي قائد جي خطاب ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.