تيانجن – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ جي گلوبل گورننس انيشي ايٽو (جي جي آءِ) جاري ڪرڻ جي تاريخي اعلان جي آجيان ڪندي ان کي هڪ مضبوط گهڻ رخي نظام طرف تاريخي قدم قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اهو قدم عالمي گورننس سستم کي اسرندڙ ملڪن جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ زمين کي درپيش جديد چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ٿيندو، تيانجن پڌرنامي سان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصد کي فروغ ملندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چين جي شهر تيانجن ۾ منعقد ايس سي او (پلس) کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ پاران جي جي آءِ جاري ڪرڻ جي تاريخي اعلان کي ساراهيو. وزيراعظم جي جي آءِ جي حمايت جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته اهو هڪ مضبوط گهڻ رخي نظام طرف تاريخي قدم ۽ گڏيل قومن جي چارٽر سان هڪجهڙائي رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته اهو قدم عالمي گورننس سسٽم کي اسرندڙ ملڪن جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو ۽ زمين کي درپيش جديد چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ٿيندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان قدم ۾ فعال حصو وٺڻ جي لاءِ گهري دلچسپي رکي ٿو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي چيني صدر شي جن پنگ کي مبارڪباد ڏني. هن تيانجن پڌرنامي کي ساراهيندي چيو ته هو پراميد آهي ته ان سان خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصد کي هٿي ملندي. وزيراعظم چيو ته امن، ترقي ۽ رابطن جي فروغ سان ايس سي او جي چارٽر ۽ ”شنگهائي اسپرٽ“ ۾ ڏنل سنهري اصولن کي برقرار رکڻ جي لاءِ پاڪستان پرعزم آهي. هن چيو ته موجوده موسمياتي بحران ۾ گڏيل ذميواري وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وئي آهي، پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي مسلسل موسمياتي تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ آفتون درپيش آهن، اها مڃيل حقيقت آهي ته ماحول دشمن گئسن جي عالمي اخراج ۾ پاڪستان ۽ ان جهڙن ٻين اسرندڙ ملڪن جو حصو رڳو 1 سيڪڙو کان به گهٽ آهي، عالمي قيادت کي اسرندڙ ملڪن جو بار ونڊڻ جي ضرورت آهي ته جيئن وڌيڪ قيمتي جانين ۽ معاشي نقصانن کي بچي سگهجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان تڪرارن تي ڳالهه ٻولهه ۽ سمورن مسئلن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ کي ترجيح ڏي ٿو، پاڪستان غزه م بيگناهه فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي ڪڌي ڏوهن جي مذمت ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي حل سان گڏوگڏ خطي ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪري ٿو. وزيراعظم لائوس پيپلز ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي هڪ ڊائيلاگ پارٽنر جي طور تي ايس سي او فيملي ۾ شموليت جي آجيان ڪئي. ايس سي او (پلس) اجلاس ۾ مستقل ميمبرن جي ملڪي سربراهن سان گڏوگڏ ڊائيلاگ پارٽنرز ۽ مبصر ملڪن، عالمي تنظيمن جا سربراهه ۽ نمائندا پڻ شريڪ هئا.