اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان چين سان مستقبل طرف ڏسندڙ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ڪندو ۽ مالي تعاون ٻنهي ملڪن جي وسيع تر معاشي لاڳاپن جي بنياد تي ڪم ڪندو. هن اها ڳالهه بيجنگ ۾ عوامي جمهوريه چين جي مرڪزي بئنڪ (پيپلز بئنڪ آف چائنا) جي گورنر ڊاڪٽر پان گونگ شينگ ۽ انڊسٽريل اينڊ ڪمرشل بئنڪ آف چائنا (آءِ سي بي سي) جي چيئرمين ليا ولين سان ڌار ڌار ملاقاتن ۾ ڪيو. پيپلز بئنڪ آف چائنا جي گورنر سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير پاڪستان لاءِ چين جي ڊگهي سياسي، سفارتي ۽ معاشي حمايت تي ٿورو مڃيو. هن پاڪستان جي هاڻوڪي معاشي ڪارڪردگي، سڌارا جاتي پروگرام ۽ عالمي ڪريڊٽ ريٽنگز ۾ بهتري جي هاڪاري اثرن تي بريفنگ ڏني. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مالي تعاون وڌيڪ وڌايو وڃي ۽ گڏيل مفادن جي نون شعبن ۾ سهڪار کي اڳتي وڌايو وڃي. آءِ سي بي سي چيئرمين سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير پاڪستان لاءِ بئنڪ جي مسلسل مالي مدد، ترقياتي منصوبن جي فنڊنگ ۽ قرضن جي ري فنانسنگ تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ آءِ سي بي سي جي مضبوط موجودگي ٻنهي ملڪن جي گهرن معاشي لاڳاپن جي عڪاسي آهي. ملاقات ۾ سيڙپڪاري، واپاري فنانسنگ ۽ مالياتي جدت جي نون قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جو سڌاراجاتي پروگرام معيشت ۾ پائيدار استحڪام، مضبوطي ۽ ترقي آڻڻ لاءِ بڻايو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته چيني مالياتي ادارن سان حصيداري نه صرف فوري ضرورتن لاءِ اهم آهي پر ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جو به حصو آهي، جنهن ۾ مالياتي جدت ۽ علائقائي انضمام شامل آهن. ٻنهي طرفان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪ چين اقتصادي تعاون جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن، جنهن ۾ بئنڪنگ، سيڙپڪاري ۽ ڪيپيٽل مارڪيٽن جي شعبن ۾ وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ بهتر ماحول فراهم ڪرڻ، مضبوط مالي ڍانچو قائم ڪرڻ ۽ سڌارن ذريعي هن تعاون کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي. وفاقي وزير هن عزم کي ورجايو ته پاڪستان چين سان مستقبل طرف ڏسندڙ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو ۽ مالي تعاون ٻنهي ملڪن جي وسيع تر معاشي لاڳاپن جي بنياد طور ڪم ڪندو. هن اعتماد ظاهر ڪيو ته اڄ جون ملاقاتون ٻه طرفي تعاون جي روڊ ميپ کي وڌيڪ واضح ڪنديون ۽ خطي ۾ استحڪام، ترقي ۽ گڏيل خوشحالي کي هٿي ڏينديون.