اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته موسمياتي تبديلين ۽ ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ اسان کي پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي، قومي معاملن تي اختلاف نه هئڻ گهرجي، سياستدانن کي قومي مفادن لاءِ گهٽ کان گهٽ نقطن تي اتفاق ڪرڻو پوندو، موجوده آفت قومي آهي ان تي قومي ردعمل اچڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺندي وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديليون انساني اعمالن جو نتيجو آهي، پاڪستان ۾ برساتون ۽ ٻوڏ سبب نقصان ۽ تباهي انساني هٿن جي نتيجي ۾ ٿي آهي. پاڻي جي گذرگاهن تي هوٽلز ۽ گهر ٺاهيا ويا آهن، پاڻي جي گذرگاهن ۽ درياهي رستن تي قبضا ڪيا ويا آهن ۽ اتي هائوسنگ ڪالونيون بڻايون ويون آهن. جڏهن پنهنجو حصو وصول ڪرڻ لاءِ اهڙي طرح جون اسڪيمون بڻايون وڃن ٿيون ته فطرت جو رد عمل اچي ٿو. خيبر پختونخوا ۾ ڪڪر ڦاٽڻ ۽ ٻوڏ سبب انهي لاءِ نقصان ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته اتي به پاڻي جي گذرگاهن جو رستو روڪيو ويو هو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي اعمالن کي درست ڪرڻو پوندو، گذريل ٻوڏ کان وٺي هن وقت تائين اسان ڪهڙيون حددخليون ختم ڪيون آهن، پر ان بدران نوان هوٽل ٺاهيا ويا آهن. منهنجي ضلعي ۾ ٻن درياهن ۽ برساتي نالن تباهي مچائي ڇڏي آهي. مان پنهن جي پوري تڪ جو دورو ڪري چڪو آهيان، ماڻهن، نالن ۽ درياهن جون زمينون وڪرو ڪيون آهن. زيڊ ڪي بي نالي ڪمپني پورو شهر تباهه ڪري ڇڏيو آهي. فيبروري 2022ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر چيف سيڪريٽري پنجاب کي خط لکيو جنهن جو جواب ۾ آيو پر هاڻوڪي ٻوڏ سبب سمورو پردو فاش ٿي ويو آهي، هاڻي فوري بجري وجهي ان تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هن ملڪ جي پوليٽيڪل ايليٽ جو اهو حال آهي ته عوام مان ڇا اميد رکي سگهون ٿا، عوام سياستدانن کي رول ماڊل بڻائي ٿو، جيڪڏهن اسان اهو ئي ڪم ڪنداسين ته عوام به اهو ئي ڪم ڪندو. هن چيو ته فوجي دورن ۾ اتفاق راءِ جي طاقت ۽ اختيار هوندا آهن، سياستدانن جي دڪانداري اختلافن تي هلندي آهي. هن چيو ته جيڪي حالتون آهن ان ۾ پاڻي جي ڦڙي ڦڙي  لاءِ سڪنداسين. اسان کي پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي، هي قومي معاملو آهي ان تي اختلاف نه هئڻ گهرجي، سياستدانن کي قومي مفادن لاءِ گهٽ م گهٽ نقطن تي اتفاق ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪنهن ڊيم يا واهه ٺهڻ تي نه روڊ رستا بند نه ڪرڻ گهرجن. ستلج جو پاڻي سنڌ ۽ اتي جي عربي سمنڊ ۾ ڪرندو، 3 درياهن ۾ هاڻي موسمي پاڻي اچي رهيو آهي، انهي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ قدم ضروري آهن، سياستدانن جا اختلاف هوندا آهن پر انهن جي نوعيت سياسي آهي. موجوده آفت قومي آهي ان تي رد عمل به قومي اچڻ گهرجي. هن چيو ته لاهور ۾ پاڻي لهي ويو آهي جڏهن ته نارووال ۽ سيالڪوٽ ۾ 6-6 ڏينهن پاڻي بيٺل رهيو جنهن جو بنيادي سبب حددخليون آهن. هن چيو ته مهمند ڊيم جي تجويز اسان جي دور ۾ آئي هئي، اسان کي ننڍن ڊيمن جي تعمير تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته  ملڪ ۾ مڪاني ادارا سرگرم ناهن، پنجاب ۾ مڪاني ادارا ناهن، اختيارن جي منتقلي صوبائي حڪومتن تائين ٿي آهي، انهن کي ضلعن، تعلقي ۽ ڳوٺ سطح تائين منتقل ڪرڻو پوندو، اسان مڪاني ادارن کي سياستدانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ هڪ پرزو سمجهون ٿا، اسان کي هڪ فعال ۽ متحرڪ مڪاني نظام کي ترجيح ڏيڻي پوندي.