اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، گلگت بلتستان جي ضلعي ديامير جي علائقي چلاس ۾ پاڪ فوج جي هيليڪاپٽر کي پيش آيل حادثي ۾ پائليٽ سميت عملي جي 5 ميمبرن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري پڌرائي مطابق پي پي پي چيئرمين هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيل ميجر عاطف، ڪوپائليٽ ميجر فيصل، فلائيٽ انجنيئر نائب صوبيدار مقبول، ڪريو چيف حافظ جهانگير ۽ چيف نائيڪ امير کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن لاءِ جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام جي دعا ڪئي. هن  شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.