اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق افغانستان ۾ زلزلي سبب جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ هن متاثر ڪٽنبن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جو عوام افغان عوام جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي، مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغان ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. اسپيڪر سردار اياز صادق عالمي برادري تي زور ڀريو ته افغان عوام جي امداد ۽ بحالي لاءِ اڳتي اچي مدد ڪري. مشڪل وقت ۾ افغان ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ آهيون. اسپيڪر سردار اياز صادق زلزلي ۾ فوت ٿيلن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.