بيجنگ – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن واري ڪائونسل جي 25هين اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ تيانجن کان بُلٽ ٽرين جي ذريعي بيجنگ پهچي ويو، بيجنگ جي ڏکڻ ريلوي اسٽيشن تي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر وينگ هانگ ۽ شاگردن وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم کي گلدستو پيش ڪيو ويو، وزيراعظم جي استقبال جي لاءِ ايندڙ شاگردن پنهنجي هٿن ۾ پاڪستان ۽ چين جا جهنڊا کنيل هئا، وزيراعظم شاگردن جو جوش ۽ جذبو ڏسي دلي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ پاڻ به شاگردن سان گڏ پاڪستان جو قومي جهنڊو ڦڙڪايو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. بيجنگ ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم عالمي فاشزم جي خلاف جنگ جي 80هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم جي چيني صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ ٻين عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون متوقع آهن. ان کانسواءِ وزيراعظم چين – پاڪستان بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ خطاب پڻ ڪندو.