پشاور – 01 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي گلگت ۾ آرمي ايوي ايشن جي ايم آءِ- 17 هيليڪاپٽر جي حادثي ۾ آفيسرن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گورنر هائوس پشاور جي ترجمان مطابق خيبر پختونخوا جي گورنر شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته حادثو انتهائي افسوسناڪ آهي، ڏکويل ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.