اسلام آباد – 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي انڊر 23 قومي فٽبال ٽيم اي ايف سي انڊر 23 ايشين ڪپ 2026ع ڪواليفائرز ۾ شرڪت لاءِ نوم پنه (ڪمبوڊيا) پهچي وئي آهي. پي ايف ايف ترجمان مطابق ٽيم ڪراچي کان هڪ نجي اڏام ذريعي سفر ڪيو، جنهن ۾ بينڪاڪ ۾ مختصر قيام به شامل هو ۽ سومر ڏينهن ڪمبوڊيا جي گادي واري شهر لٿو. پاڪستان پنهنجي شروعاتي گروپ ميچ ۾ 3 سيپٽمبر تي عراق خلاف کيڏندو، 6 سيپٽمبر تي ميزبان ڪمبوڊيا ۽ 9 سيپٽمبر تي عمان خلاف کيڏيندي، اي ايف سي انڊر 23 ايشين ڪپ 2026ع جي ميزباني سعودي عرب ڪندو.