شارجه-31 آگسٽ(اي پي پي) ٽه ڌري ٽي- 20 سيريز ۾ پاڪستان پنهنجو ٽيون ميچ 2 سيپٽمبر تي افغانستان خلاف کيڏندو. قومي ٽيم هاڻي تائين شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٻئي شروعاتي ميچون کٽي چڪي آهي ۽ پوائنٽس ٽيبل تي 4 پوائنٽس سان پهرين نمبر تي آهي. گرين شرٽس، پهرين ميچ ۾ افغانستان کي 39 رنسن ۽ ٻي ميچ ۾ گڏيل عرب امارات کي 31 رنسن تان شڪست ڏني هئي. پاڪستاني ٽيم پنهنجي چوٿين ميچ 4 سيپٽمبر تي گڏيل عرب امارات خلاف کيڏندي. سيريز جو فائنل ٽاپ ٻن ٽيمن وچ ۾ 7 سيپٽمبر تي شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.