بيجنگ -31 آگسٽ (اي پي پي) روس جو صدر ولاديمير پيوٽن پنهنجي چئن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي پهرين مرحلي ۾ چين جي شهر تيانجن پهچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي ٿيندڙ ان دوري ۾ پيوٽن تيانجن ۽ بيجنگ جو دورو ڪندو. تيانجن بنهائي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي صدر پيوٽن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. سندس آجيان ڪميونسٽ پارٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر ۽ تيانجن جي پارٽي سيڪريٽري چن مينئر، چين ۾ روس جي سفير ايگور مور گولوف ۽ روس جي ٻئي اعليٰ سفارتي عملي ڪئي. ايئرپورٽ تي صدر پيوٽن موجود شخصيتن سان هٿ مليو، جنهن کان پوءِ پنهنجي قيام گاهه ڏانهن روانو ٿي ويو. دوري جي پهرين ڏينهن شام جو تيانجن جي مچيانگ ڪنوينشن اينڊ ايگزيبيشن سينٽر ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس منعقد ٿيندو.. افتتاحي تقريب ۽ اڳواڻن جي گڏيل تصويرون ڪڍائڻ کان پوءِ هڪ آجياڻي ۽ موسيقي جي محفل به منعقد ڪئي ويندي. اهو دورو روس ۽ چين وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو جيڪو وڏي اهميت رکي ٿو.