واشنگٽن-03 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعوى ڪئي آهي ته آمريڪي فورسز  وينزويلا مان روانو ٿيل منشيات سان ڀريل ٻيڙي کي نشانو بڻايو ۽ ان کي تباهه ڪري ڇڏيو پر ماهر ان کي آمريڪا ۽ وينزويلا وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ هڪ نمايان اضافو قرار ڏئي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ صحافين کي ٻڌايو ته آمريڪي فورسز هڪ ٻيڙي کي نشانو بڻايو، اها منشيات سان ڀريل ٻيڙي هئي، جنهن ۾ وڌيڪ منشيات موجود هئي پر هن آپريشن جا وڌيڪ تفصيل فراهم نه ڪيا. آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪورو بيو سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پوسٽ ۾ لکيو ته آمريڪي فوج حملو ڪيو، جنهن ۾ وينزويلا مان نڪرندڙ منشيات سان ڀريل ٻيڙي کي نشانو بڻايو ويو. آمريڪي دفاع واري کاتي جي هڪ سينيئر عهديدار به ڪارروائي جي تصديق ڪندي چيو ته پرسيزن اسٽرائيڪ بابت وڌيڪ معلومات بعد ۾جاري ڪئي وئي.