واشنگٽن-03 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته  چين جو صدر روس ۽ اتر ڪوريا سان گڏجي آمريڪا خلاف سازش ڪري رهيو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي چين جي صدر شي جن پنگ تي الزام لڳائيندي چيو ته توهان آمريڪا خلاف سازشون ڪري رهيا آهيو، منهنجي طرفان توهان لاءِ نيڪ خواهشون آهن. صدر ٽرمپ اهڙي موقعي تي انهن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن اتر ڪوريا ۽ روس جي صدرن سميت 26 عالمي اڳواڻ يوم فتح پريڊ لاءِ بيجنگ ۾ موجود آهن. چين ۾ ٻي عالمي جنگ دوران جاپاني جارحيت خلاف ڪاميابي جي 80هين سالگره جي موقعي تي پريڊ منعقد ڪئي پئي وڃي.