برسلز – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) ويلندرن ڪرڪيٽ ڪلب ۾ پاڪستان ۽ بيلجيئم جي دوستي جي علامت طور ايشين ڪرڪيٽ ليگ جو فائينل کيڏيو ويو. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري بيان موجب بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفير رحيم حيات کي خاص مهمان طور دعوت ڏني وئي هئي. ان موقعي تي هن چيو ته هي ايونٽ اصل ۾ پاڪستان ۽ بيلجيئم وچ ۾ ودستي جو مظهر هو، ڪرڪيٽ گڏيل شوق آهي، اسپورٽ ڊپلوميسي ڪميونٽيز کي جوڙن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.