ڪراچي – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي جي قيام جو 141هون ڏهاڙو ملهايو ويو، سنڌ يونيورسٽيز جي پرو چانسلر سنڌ جي تعليم بابت صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ مدرسته الاسلام برطانوي حڪمرانن نه پر سنڌ جي مقامي ماڻهن قائم ڪيو هو، اسان کي نوآبادياتي دور ۾ جديد تعليمي ادارا قائم ڪندڙ پنهنجي هيروز کي ياد ڪندي کين خراج پيش ڪرڻ گهرجي، حسن علي آفندي سنڌ مدرسته الاسلام قائم ڪيو، ڊاڪٽر نور محمد لاکير نور محمد اسڪول حيدرآباد جو باني آهي، مير غلام محمد ٽالپور ٽنڊوباگو اسڪول جو بنياد رکيو ۽ سيد الهندو شاهه نوشهروفيروز ۾ مدرسه اسڪول قائم ڪيو. سنڌ مدرسته الاسلام جي 141هين قيام جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب ڪندي سيد سردار علي شاهه چيو ته خان بهادر حسن علي آفندي ڪو سردار يا جاگيردار نه هو پر هن ڪراچي ۾ هڪ جديد تعليمي ادارو قائم ڪيو جتان قائداعظم محمد علي جناح، سر شاهنواز ڀٽو، سر عبدالله هارون، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ۽ ٻين پنهنجي ابتدائي تعليم حاصل ڪئي. هن چيو ته اڄ مُون کي ايس ايم آءِ جي قيام جي تقريب ۾ شرڪت ڪندي خوش ۽ فخر محسوس ٿي رهيو آهي جيڪو هاڻي هڪ يونيورسٽي طور ڪم ڪري رهيو آهي. يونيورسٽين بابت ڳالهائيندي سنڌ يونيورسٽيز جي پرو چانسلر سيد سردار علي شاهه چيو ته صوبي جي 68 يونيورسٽين مان 30 يونيورسٽيون سرڪاري شعبي طور ڪم ڪري رهيون آهن، تنهن ڪري هو انهن کان قيمتي تحقيق جي اميد رکي ٿو. هن چيو ته جڏهن ڪا زرعي يونيورسٽي فصل جو نئون ٻج ايجاد ڪندي آهي ۽ ڪا ميڊيڪل يونيورسٽي هڪ نئين دوا تيار ڪندي آهي ته انهن جو ڪم دنيا کي ڏيکارڻ جي قابل هوندو آهي، صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ايس ايم آءِ يونيورسٽي هڪ نئين يونيورسٽي آهي، پر معياري تعليم ۾ ان جو ڪردار شاندار آهي. هن چيو ته يونيورسٽين کي پراڻو نصاب نه پڙهائڻ گهرجي، پر انهن کي ان جو جائزو وٺڻ گهرجي ۽ سائنس جي شعبي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کي ان ۾ شامل ڪندي ان کي جديد بڻائڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جو تعليم ۽ خواندگي کاتو اسڪولن ۽ ڪاليجن لاءِ هڪ نئين نصاب تي پڻ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان کي موجوده دور جي حقيقتن مطابق تيار ڪيو پيو وڃي.

تعليم واري صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ترقي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن ايس ايم آءِ يو جي وائيس چانسلر، فيڪلٽي، آفيسرن ۽ شاگردن کي يوم تاسيس جي تقريب تي مبارڪباد ڏني. جڏهن ته تقريب کي خطاب ڪندي ايس ايم آءِ يو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام جو باني خان بهادر حسن علي آفندي اسان جو هيرو آهي. هن برطانوي راڄ دوران تمام ڏکين حالتن ۾ هتي سنڌ مدرسته الاسلام قائم ڪيو. هن چيو ته خان بهادر حسن علي آفندي جيڪو هڪ وچولي طبقي جي خاندان سان تعلق رکندو هو، 55 سالن جي عمر ۾ ايس ايم آءِ قائم ڪيو، جنهن جو مقصد مسلمان ٻارن کي جديد تعليم فراهم ڪرڻ هو. هن چيو ته اسان کي هن موقعي تي کيس خراج تحسين پيش ڪرڻو آهي. خان بهادر حسن علي آفندي جي سوانح عمري جو حوالو ڏيندي ڊاڪٽر صحرائي چيو ته ايس ايم آءِ يو مرزا قليچ بيگ جي خان بهادر حسن علي آفندي جي زندگي، جدوجهد ۽ خدمتن تي لکيل ڪتاب جو انگريزي ترجمو شايع ڪيو آهي، جيڪو سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر وفا منصور ٻرڙو شاندار انداز ۾ ڪيو آهي، هن وفا منصور ٻرڙو کي سندس سٺي ترجمي تي مبارڪباد ڏني. هن اعلان ڪيو ته حسن علي آفندي چيئر پڻ قائم ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ هن وزير سيد سردار علي شاهه کي تعاون جي درخواست ڪئي. هن ايس ايم آءِ يو ماڊل اسڪول کي جُدا بجيٽ فراهم ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد سردار علي شاهه جا ٿورا مڃيا. ايس ايم آءِ يونيورسٽي بابت ڳالهائيندي ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته جڏهن هو پنج سال اڳ ايس ايم آءِ يو ۾ شامل ٿيو  ته هِن تڏهن شاگردن جي داخلا وڌائڻ، ريسرچ ڪلچر کي مضبوط ڪرڻ ۽ ايس ايم آءِ يو کي هڪ بنا خساري وارو ادارو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن اهي هدف ماڻيا آهن. مشهور تعليمدان سيد جعفر احمد چيو ته حسن علي آفندي جهڙن ڪيترن ئي ماڻهن قوم جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته اسان کي انهن عظيم شخصيتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ گهرجي جن پنهنجي قائم ڪيل تعليمي ادارن ذريعي سماج جي سماجي ۽ سياسي حالتن کي تبديل ڪيو. ڊپارٽمينٽ آف سوشل اينڊ ڊولپمينٽ اسٽڊيز جي چيئرپرسن ڊاڪٽر سڀاش بابو ايس ايم آءِ جي پراڻن شاگردن جي ڪردار تي روشني وڌي جن سماج ۾ اهم تبديليون آنديون آهن. جڏهن ته ان موقعي تي سيد سردار علي شاهه، ڊاڪٽر مجيب صحرائي، شهناز وزير علي، سنڌ جي تعليم کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري ۽ نامياري اديب اڪبر لغاري ۽ ٻين تعليمي ماهرن مرزا قليچ بيگ پاران لکيل حسن علي آفندي جي ترجمو ڪيل سوانح عمري ۽ اسسٽنٽ پروفيسر وفا منصور ٻرڙو جي انگريزي ترجمي جي مهُورت ڪئي.ان موقعي تي تعليم واري وزير ايس ايم آءِ يو جي اڳوڻي شاگردن ۽ وائيس چانسلر ۽ ٻين مهمانن سان گڏ هڪ شمع روشن ڪري ايس ايم آءِ ايلومنائي ايسوسيئيشن جي قيام جو آغاز پڻ ڪيو. سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر آصف شيخ، جيڪو ايس ايم آءِ جو اڳوڻي شاگرد پڻ آهي تنهن پنهنجا ويچار آن لائن ونڊيا. تقريب ۾ مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن، تعليمدانن، سرڪاري آفيسرن، ايس ايم آءِ يو جي ڊينز، فيڪلٽي ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.