اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم ۾ پاڪستان جي اعتماد جوڳي حصيدار جي طور تي ڪردار جي خاطري ڪرائيندي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو آهي ته ڳالهه ٻولهه، گڏيل احترام ۽ سفارتڪاري کي برقرار رکندي تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪيو وڃي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي سي ايڇ ايس پلس اجلاس دوران گهڻ رخي کي حقيقت جي طور تي قبول ڪرڻ ۽ علائقائي سلامتي ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي موضوع تي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف گهڻ رخي نظام، گڏيل قومن جي مقصدن ۽ اصولن جو احترام ڪرڻ ۽ تڪرارن کي پرامن طريقن سان حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. گهڻ رخي نظام تي پاڪستان جي پختي يقين جو اظهار ڪندي هن ڳالهه ٻولهه، گڏيل احترام ۽ جامع سفارتڪاري کي برقرار رکڻ جو مشورو ڏنو. هن چيو ته ايس سي او کي جدت تي ٻڌل ترقي کي پنهنجي ترجيح بڻائڻ گهرجي. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي ترقي ۾ تعاون جي عزم جي آجيان ڪندي يقين ڏياريو ته پاڪستان هڪ اعتماد جوڳي حصيدار جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 31 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر 2025ع چين جي شهر تيانجن ۾ چين جي صدر شي جن پنگ جي صدارت ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي اجلاسن ”سي ايڇ ايس“ ۽ سي ايڇ ايس پلس“ ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندي شرڪت ڪئي. شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ”شنگهائي اسپرٽ“ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل آهي. گڏيل قومن ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي سمورن ميمبرن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت سان گڏوگڏ سمورن عالمي ۽ ٻطرفي معاهدن جو احترام ڪري ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته شنگهائي تعاون تنظيم جا سمورا ميمبر ملڪ انهن اصولن تي عمل ڪندا، هن شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ موجوده معاهدن موجب پاڻي جي مناسب حصي تائين بنا رڪاوٽ پهچ تي زور ڏنو. پاڙيسرين سان لاڳاپن جي ڏس ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان معمول جي لاڳاپن جو خواهشمند آهي، ڇڪتاڻ تي ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري کي ترجيح ڏي ٿو. هن ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن حل طلب تڪرارن تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ جامع ۽ منظم ڳالهه ٻولهه تي زور ڏنو. وزيراعظم رياستي دهشتگردي سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي استحڪام جي لاءِ دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ جي ڏس ۾ عظيم قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پاڪستان وٽ جعفر ايڪسپريس ٽرين يرغمالين جي واقعي ۽ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪيترن ئي ٻين دهشتگرد حملن ۾ غيرملڪي هٿ جي ملوث هجڻ جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. وزيراعظم پنهنجي حڪومت جي اقتصادي تبديلي جي منصوبي جو خاڪو پيش ڪيو جنهن جو بنياد ٽن ٿنڀن واپار ۾ توسيع، جدت طرازي ۽ آمدني ۾ اضافي تي رکيو ويو آهي. وزيراعظم واضح طور تي غزه جي خلاف اسرائيل جي غيرانساني فوجي ڪارروائي جي مذمت ڪندي فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جو مطالبو ڪيو. هن شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪ ايران تي حملي جي مذمت ڪئي. افغانستان ۾ عدم استحڪام سان شنگهائي تعاون تنظيم جي پوري خطي جي ترقي تي پوندڙ منفي اثرن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف افغانستان سان بامعنيٰ انداز ۾ ڳالهه ٻولهه تي زور ڏنو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي علائقائي رابطن ۽ اقتصادي انضمام جي ويزن کي ساراهيندي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ کي پوري شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي جي لاءِ هڪ مثالي واپاري ۽ ٽرانزٽ مرڪز جي طور تي اجاگر ڪيو. هن پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي بين العلائقائي اقتصادي ۽ واپاري انضمام جي لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو. بيان موجب سي ايڇ ايس اهم علائقائي ۽ عالمي اسٽريٽجڪ سياسي، سلامتي ۽ معاشي مسئلن، چئلينجز ۽ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪائونسل تعاون جي مختلف شعبن ۾ ڪيترن ئي فيصلن ۽ بيانن جي منظوري ڏني. سي ايڇ ايس ۾ منظور ڪيل تيانجن پڌرنامي ۾ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي شنگهائي تعاون تنظيم جي قيادت جي خيالن جو خاڪو پيش ڪيو ويو، سي ايڇ ايس ايس سي او ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي حوالي سان خيالن جي اظهار جي آجيان ڪئي. ان کانسواءِ پڌرنامي ۾ گهڻ رخي واپاري نظام، مصنوعي ذهانت، سائنسي، ٽيڪنيڪي ۽ اختراعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ، گرين انڊسٽري جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو ويو ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ٻن نئين مستقل ادارن، ماسڪو ۾ يونيورسل سينٽر ۽ دوشنبي ۾ منشيات جي خاتمي واري مرڪز قائم ڪرڻ سميت ٻن مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون. ڪائونسل اقتصادي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ جاري تعاون جي لاءِ مختلف منصوبن ۽ حڪمت عملين جي پڻ منظوري ڏني. اجلاس ۾ 2035ع تائين شنگهائي تعاون تنظيم جي ترقياتي حڪمت عملي پڻ اختيار ڪئي وئي. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي نئين ڊائيلاگ پارٽنر جي طور تي لائو پيپلز ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ جي آجيان ڪئي. هن صدر شي جن پنگ جي گلوبل گورننس انيشي ايٽو جي پڻ آجيان ڪئي ۽ گذريل هڪ سال دوران شنگهائي تعاون تنظيم جي قابل چيني صدارت کي ساراهيو. سربراهي اجلاسن جي موقعي تي وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي صدرن ۽ ڊائيلاگ پارٽنر ملڪن سان اهم ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون جن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سياسي، اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واضح رهي ته 2017ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان شنگهائي تعاون تنظم جي سمورين سرگرمين ۽ مڪينزم ۾ فعال ۽ تعميري حصو ورتو آهي. ان کانسواءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي گهڻ رخي ايجنڊا جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو. پاڪستان گذريل سال 16 ۽ 17 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن (سي ايڇ ايس) جي اجلاس جي ميزباني پڻ ڪئي. سي ايڇ ايس شنگهائي تعاون تنظيم ۾ فيصلاسازي جو سڀ کان وڏو فورم آهي جيڪو تنظيم کي اسٽريٽجڪ، سياسي ۽ سيڪيورٽي رخ فراهم ڪري ٿو. شنگهائي تعاون تنظيم سي ايڇ ايس پڌنامن، بيانن ۽ اهم فيصلن جي منظوري ڏي ٿي.