تيانجن – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف واپار، سيڙپڪاري، توانائي، مواصلات، دفاع، تعليم ۽ عوام سان عوام جي سطح تي ٻطرفي تعاون جي فروغ ۽ علائقائي رابطن جي منصوبن ۽ ايس سي او سميت گهڻ رخي فريم ورڪ تحت تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي عالمي فورمز تي ويجهي هم آهنگي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن واري ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آذربائيجان ۽ آرمينيا جي وچ ۾ تاريخي امن معاهدي تي صحيحون ڪرڻ تي صدر عليوف کي مبارڪباد ڏني جيڪو ڏکڻ قفقاز ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام طرف هڪ اهم قدم آهي. ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، توانائي، مواصلات، دفاع، تعليم ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا ۾ ٻطرفي تعاون جي مڪمل دائريڪار جو جائزو ورتو ۽ پاڪستان آذربائيجان لاڳاپن ۾ وڌندڙ رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي خوشحالي ۽ انضمام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ علائقائي رابطن جي منصوبن ۽ گهڻ رخي فريم ورڪ بشمول ايس سي او تحت تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن اڀرندڙ عالمي چئلينجن بابت پڻ موقف جي حصيداري ڪئي ۽ لاڳاپيل عالمي فورمز تي ويجهي هم آهنگي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. آذربائيجان جي صدر پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ جاري ٻوڏ واري صورتحال جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي نقصان ۽ مالي نقصانن تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ آذربائيجان جي حڪومت ۽ عوام پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم صدر الهام عليوف کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.