اسلام آباد – 01 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن جي خوداراديت واري حق حاصل ڪرڻ ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ جدوجهد ايندڙ نسلن جي رهنمائي ڪندي. سيد علي گيلاني جي چوٿين ورسي جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته سيد علي گيلاني پنهنجي سڄي ڄمار خودارديت واري حق جي جدوجهد لاءِ وقف ڪئي، ڪشميري عوام جون قربانيون ۽ ثابت قدمي سيد علي گيلاني جي جدوجهد جو تسلسل آهن، ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ سيد علي گيلاني جي عزم کي ڪمزور نه ڪري سگهيو، سيد علي گيلاني جو نالو هميشه ڪشميري عوام جي تحريڪ آزادي سان جڙيل رهندو، سالن جي قيد ۽ نظربندي به سيد علي گيلاني جي عزم کي ڪمزور نه ڪري سگهي. هن چيو ته سيد علي گيلاني جو ڪردار ڪشميري عوام جي آزادي جي تحريڪ لاءِ مشعل راهه آهي، هن جي آزادي واري جدوجهد ڪشميرين جي ڪيترن نسلن کي رهنمائي فراهم ڪندي رهندي. هن چيو ته سيد علي گيلاني جو نعرو اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي. اڄ به ڪشميري عوام جي دلين جو آواز آهي. سردار اياز صادق چيو ته سيد علي گيلاني جي آزادي واري جدوجهد ڪشميري عوام جي دلين ۾ هميشه زنده رهندي. هن چيو ته سيد علي گيلاني جي جدوجهد اسان کي عزم، استقامت ۽ آزادي جي راهه تي قائم رهڻ جو درس ڏئي ٿي، هو مظلوم ڪشميري عوام لاءِ اميد ۽ مزاحمت جي علامت آهي. هن چيو ته پارليامينٽ ڪشميرين جي خوداراديت واري حق جي تحريڪ ۾ ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق لاءِ هر فورم تي آواز بلند ڪندو رهندو.