اسلام آباد – 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ريسڪيو اينڊ رليف آپريشن دوران ٻوڏ متاثر علائقن مان سوين ماڻهن ۽ چوپائي مال کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو آهي. جاري تفصيل مطابق اٽاري، هيڊ سليمانڪي، ريناله خورد، جندراڪه، اوڪاڙه ۽ ساهيوال ۾ پاڪ فوج ۽ سول انتظاميه جو ريسڪيو اينڊ رليف آپريشن جاري آهي، ٻوڏ جي پاڻي سبب ڪيترن علائقن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. پاڪ فوج ٻيڙين ذريعي متاثرن کي ريسڪيو ڪري رهي آهي. پاڪ فوج ۽ سول انتظاميه متاثرن لاءِ امدادي ڪئمپس قائم ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته متاثرن کي ڪپڙا، دوائون ۽ راشن جي فراهمي جاري آهي. فوج ٻوڏ متاثرن لاءِ فري ميڊيڪل ڪيمپس به قائم ڪري ڇڏيون آهن، ان کانسواءِ بزرگ شهرين، عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. متاثرن پاڪ فوج جي ڪردار کي ساراهيو آهي.