راولپنڊي – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جو تربيتي هيليڪاپٽر ايم آءِ-17 هڊور ڳوٺ ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ پائليٽ سميت عملي جا 5 ماڻهو شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب هڪ ايم آءِ-17 هيليڪاپٽر ٺڪداس ڇانوڻي کان اٽڪل 12 ڪلوميٽر پري  هڊور ڳوٺ  ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو، هيليڪاپٽر معمول جي تربيتي اڏام تي هو ته ان ۾ فني خرابي پيدا ٿي پئي ۽ ڪري تباهه ٿي ويو جنهن جي نتيجي ۾ جهاز ۾ موجود عملي جا سمورا ماڻهو شهيد ٿي ويا جن ۾ پائليٽ ان ڪمانڊ ميجر عاطف، ڪوپائليٽ ميجر فيصل، فلائيٽ انجنيئر نائب صوبيدار مقبول، ڪريو چيف حوالدار جهانگير ۽ ڪريو چيف نائيڪ عامر شامل آهن.  تربيتي مشن آرمي ايوي ايشن جي معمول جي سرگرمين جو حصو آهي جنهن جو مقصد آپريشنل سپورٽ کان وٺي انساني همدردي جي بنياد تي امداد ۽ آفتن کان نجات، مختلف سرگرميون انجام ڏيڻ لاءِ آپريشنل تياري کي برقرار رکڻ آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج هر رخ کان تياري کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.