اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته پاڪستان سڌارن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ پرعزم آهي، چيني سيڙپڪارن سان حصيداري کي بيحد اهميت ڏئي رهيا آهيون. هن اها ڳالهه بيجنگ ۾ چين جي هونگتا سيڪيورٽيز جي چيئرمين جنگ فينگ سان اهم ملاقات ۾ چئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي هاڻوڪي معاشي ڪارڪردگي تي روشني وجهندي چيو ته حڪومت پائيدار ۽ جامع معاشي اوسر لاءِ سڌارن جي سلسلي کي جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. هن عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين جي پاڪستان جي معيشت تي وڌندڙ اعتماد کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي ان ڳالهه ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته هاڻوڪن ڏينهن ۾ پاڪستان جي ريٽنگ ۾ بهتري آئي آهي. هن ٻڌايو ته موڊيز پاڪستان جي درجابندي سي اي اي ٻه کان وڌائي سي اي اي هڪ (مستحڪم آئوٽ لڪ)، فچ ٽرپل سي پلس کان بي مائنس (مستحڪم آئوٽ لڪ) جڏهن ته اسٽينڊرڊ اينڊ پورز به پاڪستان جي درجه بندي ٽرپل سي پلس کان وڌائي بي مائينس (مستحڪم آئوٽ لڪ) ڪري ڇڏي آهي. ڌرين ڪيپيٽل مارڪيٽن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ پاڪستان چين جي مالياتي ادارن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان پنهنجي مالياتي آپشنز کي متنوع بڻائڻ ۽ عالمي چيني سيڙپڪارن سان گهرا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي حڪمت عملي تي عمل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان سڌارن جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ پرعزم آهي ۽ چيني سيڙپڪارن سان حصيداري کي بيحد اهميت ڏئي ٿو. هن چيو ته اسان گڏجي اهڙا نوان موقعا پيدا ڪري سگهون ٿا، جيڪي ٻنهي ملڪن جي معيشت کي وڌيڪ هٿي ڏيندا ۽ مالياتي تعاون کي نين بلندين تائين وٺي ويندا.