اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان برطانوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر لارڊ پال اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ترجمان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ قانوني تعليم کي بهتر بنائڻ ۽ قانوني سڌارن جي شعبي ۾ گهري سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊائريڪٽر ليگل ايجوڪيشن پاڪستان بئريسٽر اسامه ملڪ پڻ ان موقعي تي موجود هو ۽ هن قيمتي رايا پيش ڪيا. ملاقات دوران ڌُرين مضبوط قانوني ادارن، عالمي تعليمي مٽاسٽا ۽ قانوني تربيت ۽ سڌارن ۾ عالمي بهترين عملي نمونن کي اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. وفاقي وزير پاڪستان ۾ معياري تعليم کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت پائيدار ۽ مؤثر سڌارا آڻڻ لاءِ عالمي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. لارڊ پال پاڪستان ۾ قانوني فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن کي ساراهيو ۽ قانوني تعليم، پاليسي سازي، اداره جاتي ترقيءَ جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ برطانيه جي دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. ملاقات جي پڄاڻي ان ڳالهه تي ٿي ته ٻئي ملڪ قانوني ادارن وچ ۾ مسلسل ڳالهين، مٽاسٽا، پروگرامز ۽ گڏيل قدمن ذريعي وڌيڪ موقعا تلاش ڪندا.