اسلام آباد-29 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي چلاس ۾ جي بي اسڪائوٽس جي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير شهيد ٿيل صوبيدار کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير شهيد صوبيدار جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن زخمي ٿيل ٽن جوانن جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي. هن چيو ته شهيد صوبيدار جي قربانيءَ کي سلام پيش ڪريون ٿا. صوبيدار شهادت جو بلند رتبو ماڻيو آهي. صوبيدار جي قرباني رائيگان نه ويندي.