لاهور-29 آگسٽ (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجلي صارفين کي خاص رليف فراهم ڪيو ويندو، پاڻي لهندي ئي بجلي بحاليءَ جو عمل جلد مڪمل ٿيندو. ليسڪو ملازمن هڪ ڏينهن جي پگهار وزيراعظم ٻوڏ فنڊ ۾ ڏئي ڇڏي آهي. ملازمن ۽ صارفين جي سيفٽي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن ليسڪو هيڊ ڪوارٽر ۾ هڪ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ليسڪو بي او ڊي چيئرمين، چيف ايگزيڪيٽو ليسڪو وفاقي وزير کي ٻوڏ متاثرن لاءِ ملازمن جي هڪ ڏينهن جي پگهار جو امدادي چيڪ ڏنو. وفاقي وزير چيو ته جن علائقن ۾ ٻوڏ آئي آهي اُتي صارفين کي رليف ڏنو ويندو. ٻوڏ متاثرن جي بجلي جي بلن جي تاريخ ۾ واڌ ڪئي ويندي، جيڪڏهن ٻوڏ متاثرن جي بجليءَ جا بلز لاءِ حڪومت ڪنهن مدد جو اعلان ڪيو ته ڊسڪوز بل معاف ڪري سگهبا. هن چيو ته ٻوڏ واري پاڻيءَ سبب بجلي جي بحاليءَ جو عمل متاثر آهي، پاڻي لهندي ئي بجلي بحالي جو عمل جلد مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ 3 ڪروڙ 30 لک مان هڪ ڪروڙ 80 لک صارفين 70 سيڪڙو ڊسڪائونٽ تي بجلي وٺي رهيا آهن جڏهن ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صارفين کي خصوصي رليف فراهم ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ماڻهو سولر پينل لڳائي پاڻ کي 200 يونٽ کان هيٺ کڻي ويا آهن جنهن سان بجلي جي قيمت سستي ٿي آهي ۽ بلن ۾ فرق آيو آهي. حڪومت جي مؤثر قدمن عيوض بجليءَ جي اگهن ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي ۽ جيڪي ماڻهو اها تبديلي محسوس نه ڪري رهيا آهن انهن جي اکين تي پٽي ٻَڌل آهي. اويس خان لغاري چيو ته نيٽ ميٽرنگ وارا نوان آءِ پي پيز بڻجڻ وڃي رهيا آهن، نيٽ ميٽرنگ سبب 4 رپيا في يونٽ بار عوام تي پوندو جنهن کي حڪومت ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ڪندي. هن چيو ته واپڊا جي نجڪاريءَ جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، کاتن ۾ رائيٽ سائزنگ ڪري رهيا آهيون. هن واضح ڪيو ته موجوده حڪومت تي سياسي ڀرتين جو الزام نه لڳي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته اختيارين جي جنگ وڙهڻ بدران اسان ڪمپنيءَ کي بااختيار بڻايو آهي.