اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان برطانوي ڄائي پاڪستاني بزنس مين وسيم اسلم ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ ڪروڙ روپين جو چيڪ گهرو وزير محسن نقوي حوالي ڪيو. گهرو وزارت جي ترجمان مطابق گهرو وزير محسن نقوي وسيم اسلم جي خيرسگالي جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان کي تاريخ جي غير معمولي ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو آهي. تازي ٻوڏ خيبرپختونخوا ۽ پنجاب کي شديد متاثر ڪيو آهي. وڏي پيماني تي تباهي ٿي. لکين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن. حڪومت متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندي. وسيم اسلم جي مالي امداد کي وزيراعظم فلڊ ريليف ۾ ڏنو ويندو.