گلگت – 29 آگسٽ (اي پي پي) ديامر جي علائقي هڊر ويجهو جمعي تي اڻڄاتل ماڻهن طرفان جي بي اسڪائوٽس جي چيڪ پوسٽ تي فائرنگ سبب نائب صوبيدار سميت 2 اهلڪار شهيد جڏهن ته هڪ جوان زخمي ٿي پيو. ديامر جي ڊپٽي ڪمشنر عطاالرحمان ڪاڪڙ مطابق ٽن اهلڪارن کي شديد زخمي حالت ۾ آر ايچ ڪيو اسپتال چلاس منتقل ڪيو ويو جتي ٻه جوان زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويا. زخمي اهلڪار کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ هو علاج هيٺ آهي. پوليس اختيارين ٻڌايو ته شهيد نيئب صوبيدار جو تعلق گلگت بلتستان جي ضلعي نگر سان آهي. واقعي بعد سيڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ تي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪمشنر وڌيڪ چيو ته آر ايچ ڪيو اسپتال چلاس ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ سمورن ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي فوري طور طلب ڪيو ويو آهي.